دوست محمد قريشي

دوست محمد قريشي: ناليواري معاشياتي ماهر دوست محمد قريشيءَ، 4 جولاءِ 1931ع تي جنم ورتو. هن معاشيات ۾ ايم. اي جي سند حاصل ڪئي. 1951ع کان 1966ع تائين مرڪزي دفتر شماريات، زرعي قرض کاتي اسٽيٽ بينڪ، مرڪزي خزاني جي وزارت، منصوبه بندي ڪميشن ۽ محصولات انڪوائري ڪميٽيءَ ۾ ريسرچ اسڪالر رهيو. 1966ع کان 1978ع تائين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمئن ۽ جولاءِ 1976ع کان جولائي 1978ع تائين ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس جي ادراري جو صدر، انشورنس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، مسلم انشورنس ڪمپني جو ناظم اعليٰ، سرمايه ڪاري ڪارپوريشن (آئي سي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ ٻين علمي، اقتصادي ۽ سائنسي ادارن جو به ميمبر رهي چڪو آهي. معاشيات، سرمايه ڪاري ۽ بيماڪاريءَ جي سلسلي ۾ بين الاقوامي سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي ۽ ان ئي موضوعن تي ڪيترا تحقيقي مقالا به لکيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو